سيد صالح شاهه نئنگ وارو

سيد صالح شاهه نئنگ وارو

سيد صالح شاهه نئنگ وارو

سيد صالح شاهه نئنگ وارو: سيد صالح محمد شاهه 1910ع ڌاري ڳوٺ نئنگ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو الهه بخش شاهه جيلاني هو. سندس حسب نسب حضرت عبدالقادر جيلانيءَ سان ملي ٿو. بلوچ هن خاندان جي گھڻي تعداد ۾ مريد آهن. بلوچن هن خاندان کي ’مير‘ جو لقب ڏنو، جيڪو بلوچي خاندان ۾ وڏي عزت ۽ مرتبي وارو سمجھيو ويندو آهي، ان ڪري هن خاندان کي ’مير سيد‘ سڏيو وڃي ٿو. سيد صالح شاهه کي سندس والد ڪا تعليم ڏياري نه سگھيو. هو صرف سنڌي، اردو ۽ فارسي زبانون ڳالهائي ۽ سمجھي سگھندو هو، پر لکي ۽ پڙهي نه سگھندو هو. سندس مريدن جو وڏو تعداد ڪيچ مڪران ۽ قلات کان وٺي ڀاڳناڙيءَ ۽ ڪاڇي واري علائقي ۾ رهندو هو. مير صالح محمد شاهه پنهنجي والد سان گڏ راڄن جا فيصلا ڪرڻ ويندو هو ۽ والد کانپوءِ اها پيري مريديءَ جي پڳ کيس ٻڌائي وئي. هندو توڙي مسلمان سندس احترام ڪندا ۽ ساڻس عقيدت رکندا هئا. 1945ع ۾ سنڌ ڪانگريس طرفان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان وقت اسيمبليءَ ۾ اڪثريت ڪانگريس جي ٿي هئي، انگريز گورنر سر موڊي اسيمبلي ٽوڙي پنهنجي طاقت جي زور تي مسلم ليگ کي ڪامياب ڪرايو. ان ڪري شاهه صاحب سياسي سرگرمين کان پاسيرو رهي خاموش گذارڻ کي ترجيح ڏني چوندو هو ته ”سياست ۾ چالبازي ۽ دوکو نه هجڻ گھرجي. عوام جي حقن جو خيال رکڻ گھرجي، جن جي ووٽن سان ايوانن تائين پهچجي ٿو.“
سيد صالح شاهه صابر، بردبار، بااخلاق ۽ سادي طبيعت جو مالڪ هو. سندس شادي عزيزن مان ٿيل هئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ مير الهه بخش ثاني ٿيو. مير سيد صالح شاهه 1957ع ۾ وفات ڪئي، کيس اباڻي قبرستان نئنگ شريف ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو